بهاول ڳڙهه پئلس

بهاول ڳڙهه پئلس

بهاول ڳڙهه پئلس

بهاول ڳڙهه پئلس (محل ): هيءُ ڪيترين عمارتن تي مشتمل محل هو ۽ منجهس ڪيترائي ننڍا ننڍا محل هئا، جيڪي نواب محمد صادق عباسي جي گهروارين لاءِ جدا جدا اڏايا ويا هئا. هن محل ۾ هڪ وسيع ۽ ويڪرو هال هو، جنهن ۾ نواب صاحب جي درٻار لڳندي هئي. اهو محل 20 صديءَ جي ابتدا ۾ سرڪاري آفيسن جي لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. جيئن ته انهيءَ محل ۾ لاڳيتيون درٻارون ٿينديون رهنديون هيون، اُن ڪري اهو ”درٻار محل“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو